پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي ۾ زمين جي رڪارڊ درستگي جو آسان طريقو جاري

پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي طرفان زمين جي رڪارڊ درستگي لاءِ آسان ۽ واضح طريقو اختيار ڪيو ويو آهي، جنهن تي عمل ڪرڻ سان شهري ڪيترين ئي قانوني پريشانين کان بچي سگهن ٿا۔پنجاب لينڊ رڪارڊ اٿارٽي پنهنجي ويب سائيٽ ۽ سوشل ميڊيا اڪائونٽن تي ويڊيوز ذريعي عوام کي آگاهي فراهم ڪندي رهي ٿي، جن ۾ رڪارڊ درست ڪرائڻ جو مڪمل عمل ٻڌايو وڃي ٿو۔جاري ڪيل ويڊيو مطابق شهري سروس سينٽر جي استقباليه تي پنهنجو اصل شناختي ڪارڊ ڏيکاري اندراج ڪرائيندو، جنهن کانپوءِ تصويرون ۽ بائيو ميٽرڪ تصديق مڪمل ڪري ٽوڪن حاصل ڪيو ويندو۔شهري پنهنجي ملڪيت جي رڪارڊ جي جاچ سروس سينٽر آفيسر کان ڪرائيندو، ته جيئن معلوم ٿي سگهي ته غلطي ڊيٽا انٽري سان لاڳاپيل آهي يا فيلڊ عملي طرفان ٿيل آهي
ڊيٽا انٽري جي غلطي جي صورت ۾ فردِ بدر تيار ڪري سروس سينٽر انچارج ڏانهن اماڻيو ويندو، جيڪو لاڳاپيل رڪارڊ سان ڀيٽ بعد تصديق لاءِ اي ڊي ايل آر ڏانهن موڪليندو۔اي ڊي ايل آر جاچ مڪمل ڪرڻ کانپوءِ فردِ بدر جي تصديق ڪندو، جنهن بعد شهري جو زمين جو رڪارڊ درست ڪيو ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو