اسلام آباد ۾ اپوزيشن ڪانفرنس: تحريڪ تحفظ آئين ۽ پي ٽي آءِ اڳواڻن امن جو پيغام ڏنو

اسلام آباد ۾ اپوزيشن پارٽين طرفان ٻن ڏينهن جي ڪانفرنس جو انعقاد ڪيو ويو، جنهن دوران تحريڪ تحفظ آئين پاڪستان جي سربراهه محمود خان اچڪزئي امن ۽ جمهوري ڊائيلاگ جو پيغام ڏنو.

محمود خان اچڪزئي چيو ته اپوزيشن پارٽيون جمهوري طريقي سان ڳالهين لاءِ تيار آهن، اچو هڪ ٻئي کي معاف ڪريون، اسان به معاف ڪريون ٿا. هن چيو ته اختلافن کي ختم ڪرڻ ۽ تعميراتي سياسي ڊائيلاگ قائم رکڻ لازمي آهي.

پي ٽي آءِ جي اڳواڻ جنيد اڪبر چيو ته هاڻي نئين شروعات ڪرڻ جو وقت آهي، گڏجي ويهنداسين ۽ پنهنجو پاڻ کي ۽ ٻين کي بهتر بڻائينداسين. پي ٽي آءِ چيئرمين بيرسٽر گوهر چيو ته اهڙا فيصلا جيڪي عوام کي مايوس ڪن ٿا، انهن کان بچڻ گهرجي، جڏهن ته سلمان اڪرم راجه چيو ته اقتدار جي نه اصولن جي جنگ ۾ دلچسپي نه آهي.

سينئر سياستدان جاويد هاشمي چيو ته اسان ٽڪراءُ جي سياست جا حمايتي نه آهيون ۽ سڀني کي ڳالهين جي دعوت ڏيون ٿا، پر ڳالهين ۾ اڳڀرائي هميشه ممڪن ناهي. جماعت اسلامي جي نائب امير لياقت بلوچ چيو ته پرامن سياسي جدوجهد ذريعي ئي اڳتي وڌڻو پوندو.

ڪانفرنس ۾ شامل هر اڳواڻ جو مقصد اهو واضح ڪرڻ هو ته اختلافن جي باوجود جمهوري طريقي سان ڊائيلاگ ۽ امن قائم رکڻ لازمي آهي، ۽ هاڻي سياسي پارٽيون ان لاءِ تيار آهن ته عوام لاءِ بهتر ماحول مهيا ڪري سگهن.

پنھنجي راءِ لکو