ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات ۽ برفباري، سياري جي موسم جو باقاعده آغاز

پاڪستان جي مختلف علائقن ۾ برسات جو سلسلو جاري آهي، جڏهن ته اتر ۽ مٿانهين بلوچستان ۾ سياري جي موسم جي پهرين برسات ۽ برفباري شروع ٿي وئي آهي، جنهن سان موسم ۾ نمايان تبديلي ڏٺي پئي وڃي.

موسميات کاتي موجب اسلام آباد، آزاد ڪشمير، گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ وڌيڪ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو امڪان ظاهر ڪيو ويو آهي. چمن، قلعه عبدالله، توبه اچڪزئي ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ تيز هوائن سان گڏ برسات پوڻ سبب ڪيترن ئي هنڌن تي بجلي جا ٿنڀا، ڀتيون ۽ وڻ ڪري پيا، جنهن سبب روزاني زندگي متاثر ٿي آهي.

اتر ۽ مٿانهين بلوچستان جي ڪيترن ئي علائقن ۾ بجلي جي فراهمي به معطل ٿي وئي آهي. ڪان مهترزئي جي جابلو علائقن ۾ سياري جي پهرين برفباري پئي، جڏهن ته لڳ ڀڳ ڏهه مهينن کان پوءِ پوندڙ برسات سبب بلوچستان ۾ جاري خشڪ سالي جو خاتمو ٿي ويو آهي.

ڊگهي خشڪ سالي کان پوءِ نيلم وادي ۽ ڀرپاسي جي علائقن ۾ برسات ۽ مٿانهين علائقن ۾ برفباري جو سلسلو جاري آهي. ضلعي هيڊڪوارٽر اٺ مقام سميت ازنڪ ڪيل سرگن، شونتهر، بلمت، سرداري، جانولي، جاگران ويلي ۽ رتي گلي ۾ به برفباري رپورٽ ڪئي وئي آهي.

پشاور ۽ ڀرپاسي وارن علائقن ۾ برسات پوڻ سبب گرمي پد ۾ نمايان گهٽتائي آئي آهي ۽ موسم وڌيڪ ٿڌي ٿي وئي آهي. نوشهره، ٽانڪ، ميانوالي، شاهه پور ۽ سرگودها ۾ هلڪي کان وچولي برسات سبب موسم خوشگوار ٿي وئي آهي. اسلام آباد جي مختلف علائقن ۾ وقفي وقفي سان بوندا باندي جو سلسلو جاري آهي.

پنھنجي راءِ لکو