ڪوٽڙي ۾ شادي تقريب دوران جعلي ڪرنسي نوٽ ڏيڻ جو انوکو واقعو

ڪوٽڙي ۾ شادي جي هڪ تقريب دوران جعلي ڪرنسي نوٽن جو هڪ انوکو ۽ حيران ڪندڙ واقعو سامهون اچي ويو آهي، جنهن بعد تقريب جي منتظمين ۾ ڳڻتي جي لهر ڇانئجي وئي آهي.

رپورٽن موجب ڪوٽڙي ڀرسان واقع واپڊا ڪالوني ۾ منعقد ٿيل شادي جي تقريب دوران مهمانن پاران تحفن جي صورت ۾ رقم ڏني پئي وئي. تقريب جي گيٽ تي موجود عملي مهمانن کان لفافن جي صورت ۾ رقم وصول ڪئي، پر تقريب جي پڄاڻي تي جڏهن گڏ ٿيل رقم جي ڳڻپ ڪئي وئي ته انڪشاف ٿيو ته پنج هزار روپين جي ماليت جا ڪيترائي نوٽ جعلي آهن.

ذريعن موجب مجموعي طور تي پنج هزار روپين جا 11 جعلي نوٽ سامهون آيا، جن جي مجموعي رقم 55 هزار رپيا بڻجي ٿي. وڌيڪ جاچ دوران اهو به معلوم ٿيو ته ڪجهه ماڻهن پنج هزار روپين جو جعلي نوٽ ڏئي، ان جي بدلي ۾ چار هزار روپيا واپس ورتا، جنهن سبب تقريب جي منتظمين کي مالي نقصان برداشت ڪرڻو پيو.

شروعاتي ڄاڻ مطابق شادي تقريب ۾ ڪُل 12 جعلي نوٽ وصول ڪيا ويا، جڏهن ته انهي طريقي سان تقريبن 44 هزار روپين جو فراڊ ڪيو ويو. واقعي بعد انتظاميه فوري طور سي سي ٽي وي ڪيمرائن جي فوٽيج حاصل ڪري جعلي نوٽ ڏيندڙ ماڻهن جي سڃاڻپ جو عمل شروع ڪري ڇڏيو آهي.

منتظمين جو چوڻ آهي ته اهڙي واردات خوشي جي موقعي کي پريشاني ۾ تبديل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته مستقبل ۾ اهڙن واقعن کان بچڻ لاءِ وڌيڪ احتياطي اپاءَ ورتا ويندا. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن سان به رابطي ۾ رهڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي ته جيئن ملوث ماڻهن خلاف قانوني ڪارروائي عمل ۾ آڻي سگهجي.

شهرين کي به اپيل ڪئي وئي آهي ته هو شادي يا ٻين تقريبن دوران ڪرنسي نوٽن جي تصديق ضرور ڪن، جيئن اهڙين جعلسازين کان بچي سگهجي.

پنھنجي راءِ لکو