ايئر بليو جهاز حادثي جي متاثرن کي آخرڪار ساڍا 15 سال پوءِ انصاف ملي ويو. عدالت هوائي ڪمپني ايئر بليو جي سڀني اپيلن کي رد ڪندي متاثرين کي 5 ارب 41 ڪروڙ 78 هزار رپين کان وڌيڪ هرجانو ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي۔ايڊيشنل ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج ڊاڪٽر رسول بخش ميرجت سول دعوائن تي تحريري فيصلو جاري ڪيو، جنهن ۾ ايئر بليو طرفان داخل ڪيل سڀئي 8 اپيلون خارج ڪيون ويون۔عدالت ايئر بليو تي غير ضروري درخواستون داخل ڪرڻ ۽ عدالتي وقت ضايع ڪرڻ تي 80 لک رپين جو ڏنڊ پڻ لاڳو ڪيو۔فيصلي موجب متاثرہ سميرا نويد چوڌري ۽ ٻه ٻين کي 143.189 ملين رپيا، راشد ذوالفقار ۽ چار ٻين کي 630.94 ملين رپيا هرجانو ادا ڪيو ويندو۔محمد الياس کي 1101.868 ملين، گوهر رحمان کي 507.348 ملين، جنيد الزمان حامد کي 996.048 ملين، محمد جاويد خان کي 857.025 ملين، سليمه راجپوت کي 572.666 ملين ۽ ڪرنل (ر) شميم اختر کي 606 ملين رپيا هرجانو ڏيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي۔
