سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر آئيني بينچ پنشن ڪيس ۾ غلط بياني ڪرڻ تي سخت قدم کڻندي اسمال انڊسٽريز جي ڊائريڪٽر ايڊمن احسان خان کي هٿڪڙيون هڻائي لاڪ اپ موڪلي ڇڏيوسنڌ هاءِ ڪورٽ سکر بينچ ۾ رٽائرڊ ملازم عبدالغفار شيخ جي پنشن بابت داخل درخواست جي ٻڌڻي ٿي، جنهن دوران اسمال انڊسٽريز جو ڊائريڪٽر ايڊمن احسان خان ۽ درخواست گذار جو وڪيل عدالت ۾ پيش ٿيا۔درخواست گذار عدالت کي ٻڌايو ته رٽائر ٿيڻ کان 15 مهينا گذرڻ باوجود پنشن ادا نه ڪئي وئي آهي، جنهن تي عدالت سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪيو۔هي ڪيس جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙيو تي ٻڌل آئيني بينچ ٻڌو۔ عدالت چيو ته سرڪاري آفيسرن جي اهڙي لاپرواهي رٽائرڊ ملازمن سان وڏي ناانصافي آهي، جيڪا ڪنهن به صورت قبول نه ڪئي ويندي۔عدالت خبردار ڪيو ته جيڪڏهن پنشن معاملن ۾ دير ۽ غلط بياني جاري رهي ته ذميوار آفيسرن خلاف وڌيڪ سخت قانوني ڪارروائي ڪئي ويندي۔
