ليبيا جي آرمي چيف جنرل محمد علي احمد الحداد کي کڻي ويندڙ نجي جهاز ترڪي جي گادي واري شهر انقره مان اڏام ڀرڻ بعد حادثي جو شڪار ٿي ويو، حادثي جا آخري لمحات ڏيکاريندڙ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب فالڪن 50 بزنس جيٽ ترڪي جي ضلعي هايماناه جي علائقي ڪيسڪ ڪاواڪ ڀرسان ڪري تباهه ٿي ويو، جيڪو انقره کان لڳ ڀڳ 70 ڪلوميٽر ڏکڻ ۾ واقع آهي۔ليبيا جي اختيارين جو چوڻ آهي ته جنرل محمد علي احمد الحداد ايزن بوغا ايئرپورٽ انقره مان ليبيا جي راڄڌاني طرابلس وڃي رهيا هئا ته جهاز حادثي جو شڪار ٿيو۔ هن حادثي ۾ آرمي چيف سميت 4 سينيئر فوجي آفيسر ۽ جهاز جي عملي جا 3 ميمبر فوت ٿي ويا۔حادثي ۾ فوت ٿيندڙن ۾ جنرل الفيٽوري غريبل (سربراهه بري فوج)، بريگيڊيئر جنرل محمود القطاوي (ملٽري مينوفيڪچرنگ اٿارٽي جو سربراهه)، محمد الاساوي دياب (چيف آف اسٽاف جو صلاحڪار) ۽ محمد عمر احمد محجوب (فوجي فوٽوگرافر) شامل آهن۔ليبيا جي وزيراعظم عبدالحميد دبيبه حادثي جي تصديق ڪندي چيو ته جنرل الحداد جي وفات ملڪ لاءِ وڏو نقصان آهي۔ هن چيو ته جهاز ليبيا ڏانهن سفر دوران حادثي جو شڪار ٿيو۔واضح رهي ته جنرل محمد علي احمد الحداد مغربي ليبيا جو اعليٰ ترين فوجي ڪمانڊر هو ۽ گڏيل قومن جي نگراني هيٺ ليبيا جي ورهايل فوج کي متحد ڪرڻ لاءِ اهم ڪردار ادا ڪري رهيو هو۔
