پنجاب فوڊ اٿارٽي جعلي کير خلاف وڏي ڪارروائي ڪندي روزانو 2 لک ليٽر جعلي کير تيار ڪري پنجاب ڀر ۾ سپلائي ڪندڙ ٻن خطرناڪ گروهن جي سرغنن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔ڊي جي پنجاب فوڊ اٿارٽي عاصم جاويد موجب، رؤف ڀٽي کي چڪوال ۽ مقصود ڀٽي کي راولپنڊي مان گرفتار ڪيو ويو۔ ٻئي جوابدار ڪيترن ئي ڪيسن ۾ پوليس کي گهربل هئا۔ مقصود ڀٽي خلاف 6 ۽ رؤف ڀٽي خلاف 8 مختلف ڪيس داخل ٿيل هئا۔ڊي جي فوڊ اٿارٽي ٻڌايو ته صوبه بدر هجڻ باوجود جوابدار ٻين صوبن ۽ وفاق ۾ جعلي کير جا يونٽ قائم ڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهيا، جيڪا رياستي رٽ لاءِ کليل چئلينج هئي۔ فوڊ اٿارٽي جي انٽيليجنس ۽ ريڪي ذريعي سڀ يونٽ بند ڪرايا ويا۔هن وڌيڪ چيو ته فيصل آباد چڪوال وهاڙي، بهاولنگر ۽ راولپنڊي ۾ جوابدارن خلاف ڪيس داخل آهن ۽ پنجاب ۾ انهن جا سڀ ٺڪاڻا سيل ڪيا ويا آهن۔ان کانسواءِ، آڪٽوبر مهيني ۾ ميانوالی ۾ 1600 ڪلو بيمار ۽ مئل مرغين جو گوشت شهر ۾ سپلائي ٿيڻ کان اڳ ضبط ڪري تلف ڪيو ويو۔ ڪارروائي دوران هڪ شخص کي گرفتار ڪيو ويو جڏهن ته ڊرائيور فرار ٿي ويو۔ گوشت مختلف هوٽلن ۾ سپلائي ٿيڻ وارو هو۔
