حيدرآباد: ايس ٽي پي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 63هين جنم ڏينهن جي حوالي سان تقريب منعقد، ڪيڪ ڪاٽيو ويو

سنڌ ترقي پسند پارٽي جي چيئرمين ڊاڪٽر قادر مگسي جي 63 ھين جنم ڏينھن جي تقريب ترقي پسند ھائوس ڪمال راهمون حال ۾ منقعد ڪئي وئي، تقريب ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي جي وائيس چيئرمين حيدرشاھاڻي، جنرل سيڪريٽري ھوت خان گاڏاھي، ڊاڪٽر سونار مڱريو، حيدرآباد يونين آف جرنلسٽس جي جنرل سيڪريٽري ڄام فريد لاکو، سحر رضوي، صدف شاھ بخاري ۽ ڪارڪنن مرد توڙي عورتن وڏي انگ ۾ شرڪت ڪئي.

تقريب ۾ ڊاڪٽر قادر مگسي جي جنم ڏينھن جي موقعي تي گلن جا هار ۽ گلدستن جا تحفا پيش ڪيا ، ان سان گڏو گڏ جان محمد جوڻيجي پاران ڊاڪٽر قادر مگسي کي پٽڪي جو تحفو پيش ڪري پارايو ويو،

ڊاڪٽر قادر مگسي تقريب کي خطاب ڪندي چيو ته آئون شڪر گذار آھيان سنڌ ترقي پسند پارٽي جي جيالن ۽ ڪارڪنن جو جن منھنجي جنم ڏينھن تي ھي ميڙاڪو جمع ڪيو ۽ تحفا پيش ڪيا، سنڌ ترقي پسند جي ڀينرن جو به شڪر گذار آھيان جن منھنجي جنم ڏينھن تي ھن تقريب ۾ شرڪت ڪئي ۽ تحفا پيش ڪيا.

پنھنجي راءِ لکو