گمبٽ ويجهو اگڙا ٿاڻي جي حد اندر ڪڙڪ شاخ وٽ پوليس ۽ ڌاڙيلن وچ ۾ مبينا مقابلي دوران مبينا طور ڪيترن ئي سنگين ڏوهن ۾ گهربل هڪ خطرناڪ ڌاڙيل مارجي ويو، جڏهن ته سندس ساٿي فرار ٿي ويا.
اگڙا ٿاڻي جي ايس ايڇ او امداد علي شيخ موجب اطلاع ملي ته ڪڙڪ شاخ ڀرسان ڌاڙيل روڊ بلاڪ ڪري گاڏين مان ڦرلٽ ڪري رهيا آهن. اطلاع ملندي ئي پوليس ٽيم واقعي واري هنڌ پهتي ته ڌاڙيلن پوليس مٿان فائرنگ شروع ڪري ڏني.
ايس ايڇ او ٻڌايو ته فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ڌاڙيل پنهنجي ساٿين جي گولي لڳڻ سبب مارجي ويو. مارجي ويل ڌاڙيل جي سڃاڻپ ڪريم بخش ولد غلام سرور شيخ، رهواسي ضلع شڪارپور طور ٿي آهي.
پوليس موجب مارجي ويل ڌاڙيل چورين، ڦرن، اغوا براءِ تاوانء پوليس مقابلن سميت ڪيترن ئي سنگين ڪيسن ۾ گهربل هو. ڌاڙيل جي قبضي مان پسٽل ۽ گوليون پڻ هٿ ڪيون ويون آهن. واقعي بعد علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي، جڏهن ته فرار ٿيل ڌاڙيلن جي گرفتاري لاءِ ڪوششون تيز ڪيون ويون آهن.
visit website
