غلام محمد مہر ميڊيڪل ڪاليج سول اسپتال ۾ 6 سالن بعد آڪسيجن پلانٽ بحال مريضن کي وڏو فائدو

غلام محمد مہر ميڊيڪل ڪاليج ٽيچنگ سول اسپتال ۾ عوامي سهولتن جي بهتري ۽ مريضن جي سخت ضرورت کي نظر ۾ رکندي ڇهه سالن کان خراب پيل آڪسيجن پلانٽ کي مرمت بعد ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي. ان قدم سان اسپتال ۾ علاج هيٺ مريضن کي آڪسيجن جي کوٽ جهڙي سنگين مسئلي مان وڏو فائدو ملندو.ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ پروفيسر ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ ميمڻ ٻڌايو ته پنهنجي ڪوششن سان بند پيل آڪسيجن پلانٽ کي ٻيهر بحال ڪيو ويو، جنهن جو افتتاح غلام محمد مہر ميڊيڪل ڪاليج جي پرنسپل پروفيسر ڊاڪٽر محمد صالح چنه ڪيو۔ان موقعي تي ايڊيشل ميڊيڪل سپرنٽنڊنٽ ڊاڪٽر زاهد علي ملڪ ۽ سندس ٽيم جي محنت ۽ تعاون کي به ساراهيو ويو۔ انتظاميا موجب اسپتال ۾ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي ۽ بهتري لاءِ قدم کنيا ويندا، جيڪي مستقبل ۾ مثبت نتيجا ڏيندا۔پروفيسر ڊاڪٽر احمد مجتبيٰ ميمڻ وڌيڪ چيو ته آڪسيجن پلانٽ جي بحالي سان نه رڳو مريضن جا آڪسيجن جا مسئلا حل ٿيا آهن، پر مختلف وارڊز ۾ سهولتن ۾ به نمايان بهتري آئي آهي۔ ان سان گڏ او پي ڊي چيمبرز ۾ پروفيسرن ۽ اسسٽنٽ پروفيسرن کي وقت جي پابندي بابت سخت هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو