ايف بي آر سوشل ميڊيا تي اسمگل ۽ غير ڪسٽم ٿيل سامان وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي شروع

فيڊرل بورڊ آف ريونيو (FBR) فيصلو ڪيو آهي ته هو سوشل ميڊيا پليٽ فارمز تي اسمگل ٿيل ۽ غير ڪسٽم ٿيل سامان وڪڻندڙن خلاف ڪارروائي ڪندو. هڪ جنوري کان ٽيڪس آفيسرن سوشل ميڊيا اڪائونٽس جي مانيٽرنگ شروع ڪندا ۽ اسمگل ٿيل شين وڪڻندڙن جو ڊيٽا گڏ ڪندا.FBR ذريعن موجب وڪڻندڙن جي سڃاڻپ اي ميل، موبائل نمبر ۽ نادرا جي مدد سان ڪئي ويندي. انهن جي دڪانن ۽ گودامن جو پڻ جائزو ورتو ويندو. ارروائي ۾ اسمگل ٿيل اليڪٽرانڪس، گهريلو اوزار، جوتا، ڪپڙا، ميڪ اپ جو سامان، ٽائر گاڏين جا پرزا، ليپ ٽاپ، ڪروم بڪ ۽ ٻيون شيون شامل آهنFBR جو چوڻ آهي ته هن قدم جو مقصد قومي معيشت کي تحفظ فراهم ڪرڻ ۽ اسمگلنگ کي روڪڻ آهي. اڳ ۾ پڻ FBR سوشل ميڊيا تي پرتعیش زندگي ڏيکاريندڙ ٽيڪس چورن خلاف ڪارروائي ڪئي هئي.

پنھنجي راءِ لکو