بلوچستان حڪومت صحت شعبي سان لاڳاپيل اهم فيصلو ڪري ڇڏيو آهي. محکمه صحت جي جاري نوٽيفڪيشن موجب صوبے ۾ مقرر ڪيل سمورا ڪانٽريڪٽ ۽ ايڊ هاک ڊاڪٽرن جون مقرريون ختم ڪيون وينديون. ان جي جاءِ تي اسسٽنٽ پروفيسر، سينئر رجسٽرار ۽ اسپيشلسٽ جي ريگيولر مقرري ڪئي ويندي.نوٽيفڪيشن ۾ اهو پڻ چيو ويو آهي ته متاثر ڪيل ڪانٽريڪٽ ملازمن جي ايڊجسٽمينٽ تي همدردي سان غور ڪيو ويندو ته جيئن ملازمن جا حق محفوظ رهن هي قدم بلوچستان حڪومت جي صحت شعبي ۾ بهتر معيار ۽ مستحڪم سروسز مهيا ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهي.
