روس جو ڪييف ۽ يوڪرين جي مختلف علائقن تي ميزائل ۽ ڊرون حملو 8 ڄڻا زخمي

روس ڇنڇر جي ڏينهن يوڪرين جي گاديءَ واري شهر ڪييف سميت ملڪ جي مختلف علائقن تي ميزائلن ۽ ڊرونز ذريعي سخت حملا ڪيا آهن رائٽرز موجب اهي حملا اهڙي وقت ۾ ڪيا ويا آهن، جڏهن يوڪرين جو صدر ولوديمير زيلنسڪي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ سان هڪ اهم ملاقات ڪرڻ وارو آهي، جنهن ۾ لڳ ڀڳ چار سالن کان جاري جنگ جي خاتمي لاءِ ممڪن معاهدي تي ڳالهه ٻولهه ٿيڻ جي اميد آهيحملن کان اڳ صدر زيلنسڪي چيو هو ته فلوريڊا ۾ ٿيندڙ ملاقات دوران جنگ کان پوءِ علائقائي ڪنٽرول بابت اهم فيصلا بحث هيٺ ايندا۔ ياد رهي ته روس ۽ يوڪرين وچ ۾ جنگ فيبروري 2022 ۾ شروع ٿي هئي، جڏهن روسي صدر ولاديمير پوٽن يوڪرين تي حملو ڪيو، جنهن کي ٻي عالمي جنگ کان پوءِ يورپ جو سڀ کان خطرناڪ تڪرار قرار ڏنو وڃي ٿو۔ميڊيا رپورٽن موجب ڪييف ۾ ڌماڪن جا آواز ٻڌا ويا، جنهن کان پوءِ يوڪرين جا فضائي دفاعي نظام سرگرم ٿي ويا۔ يوڪرين جي فوج ٽيليگرام ذريعي ٻڌايو ته روس طرفان ميزائل فائر ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته فضائيه موجب روسي ڊرونز گاديءَ واري شهر سان گڏ اتر اوڀر ۽ ڏکڻ علائقن کي به نشانو بڻايو۔اکين ڏٺن شاهدن موجب صبح 8 وڳي تائين حملا جاري رهيا ۽ ڪييف ۾ هوائي حملي جو الرٽ برقرار رهيو۔ شهر جي انتظاميا موجب گهٽ ۾ گهٽ 8 ماڻهو زخمي ٿيا آهن۔روس طرفان انهن حملن تي فوري طور ڪو به بيان جاري نه ڪيو ويو آهي۔يوڪرين جي عملدارن موجب خميس جي رات روس يوڪرين جي توانائي واري ڍانچي تي حملا ڪيا ۽ ڏکڻ واري بندرگاهي شهر اوڊياسا ۾ به حملا تيز ڪيا۔صدر زيلنسڪي چيو آهي ته آمريڪا جي سرواڻي ۾ تيار ٿيندڙ امن منصوبي جو 20 نقطن وارو مسودو 90 سيڪڙو مڪمل ٿي چڪو آهي ۽ نئين سال کان اڳ اهم اڳڀرائي ٿي سگهي ٿي۔

پنھنجي راءِ لکو