پاڪستان نيوَل اڪيڊمي ۾ 124هين مڊ شپ مين ۽ 32هين شارٽ سروس ڪميشن ڪورس جي پاسنگ آئوٽ پريڊ جي شاندار تقريب ڪراچي ۾ منعقد ڪئي وئي۔تقريب جا مهمانِ خاص ڪمانڊر رائل بحرين نيوَل فورس ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم آل بن علي هئا، جن جو استقبال سربراهه پاڪ بحريه ايڊمرل نويد اشرف ڪيو۔پريڊ دوران ڪيڊٽس سربراهه پاڪ بحريه کي سلامي پيش ڪئي، جڏهن ته مهمانِ خاص پريڊ جو معائنو ڪيوتقريب ۾ نمايان ڪارڪردگي ڏيکاريندڙ مڊ شپ مين شهـاب احمد کي اڪيڊمي ڊرڪ ڏني وئي، جڏهن ته مڊ شپ مين محمد عزيز عباس کي مجموعي طور بهترين ڪارڪردگي تي اعزازي شمشير سان نوازيو ويو۔پاڪستان مان آفيسر ڪيڊٽ عمر مختار ۽ عراق مان آفيسر ڪيڊٽ الذهبي فهد حسام فريد کي چيف آف نيوَل اسٽاف گولڊ ميڊل ڏنو ويو۔خطاب دوران ريئر ايڊمرل احمد محمد ابراهيم آل بن علي چيو ته دعوت ڏيڻ تي هو پاڪ بحريه جي سربراهه جا ٿورائتا آهن ۽ هن لاءِ اعزاز آهي ته هو پڻ پاڪستان نيوَل اڪيڊمي جو فارغ التحصيل رهيو آهي۔هن چيو ته ڪيڊٽس لاءِ موقعن جي هڪ وڏي دنيا موجود آهي ۽ هو پنهنجي بهترين صلاحيتن سان ملڪ ۽ قوم جي خدمت ڪن۔ پاڪستان نيوَل اڪيڊمي اعليٰ درجي جي پيشه ورانه تربيت فراهم ڪري ٿيريئر ايڊمرل احمد ابراهيم آل بن علي وڌيڪ چيو ته بحرين پاڪستان سان لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏئي ٿو، پاڪ بحرين دوستي هميشه قائم رهندي، ٻئي ملڪ اسلامي اخوت جي رشتن ۾ ٻڌل آهن۔ هن چيو ته پيشه ورانه زندگي ۾ ڪردار جي وڏي اهميت آهي، جڏهن ته غير ملڪي ڪيڊٽس کي تربيت ڏيڻ پاڪستان نيوَل اڪيڊمي لاءِ فخر جو باعث آهي۔
