پبلڪ پروڪيورمينٽ ريگيوليٽري اٿارٽي (پيپرا) لياسڪو ۾ اي ايم آءِ ميٽرز جي خريداري واري عمل بابت ڪيل اعتراض رد ڪندي ان کي مڪمل طور شفاف قرار ڏئي ڇڏيو آهي۔پيپرا موجب اي ايم آءِ ميٽرز جي خريداري لاءِ ڪيل ايوايليوئيشن قانون ۽ قاعدن مطابق آهي۔ اٿارٽي جو چوڻ آهي ته ٻئي ٽينڊر ۾ في ميٽر قيمت پهرين ٽينڊر جي ڀيٽ ۾ 4 هزار 281 رپيا گهٽ ٿي، جنهن سبب قومي خزاني کي اربين رپين جي بچت ٿي آهي۔پيپرا وڌيڪ چيو آهي ته لياسڪو جو ٽينڊرنگ عمل شفاف، مقابلي تي ٻڌل ۽ “ويليو فار مني” جي اصولن مطابق رهيو آهي۔لياسڪو انتظاميه پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته اي ايم آءِ ميٽرز جو ايواڊ مڪمل ميرٽ تي ڏنو ويو، جنهن سان مقابلي کي هٿي ملي ۽ مالي بچت کي يقيني بڻايو ويو۔
