گذريل ڏينهن بارات تي فائرنگ ڪري دولها سميت ٽي باراتين کي قتل ڪندڙ چار ڌاڙيل پوليس آپريشن دوران مارجي ويا آهن۔ هي ڪارروائي شڪارپور ضلعي جي رستم واري ڪچي علائقي ۾ ڪئي وئي، جتي ڌاڙيلن خلاف آپريشن گذريل ڏينهن کان جاري هو۔ميڊيا رپورٽن موجب پوليس آپريشن دوران چار ڌاڙيل مارجي ويا جڏهن ته 22 ڌاڙيل زخمي ٿي پيا۔ ايس ايس پي شڪارپور شاهزيب چاچڙ ٻڌايو ته مارجي ويل ڌاڙيلن گذريل ڏينهن بارات تي بي دريغ فائرنگ ڪري دولها سميت ٽي ماڻهن کي قتل ڪيو هو۔ايس ايس پي موجب اهي ڌاڙيل بارات تي حملي سميت ڌاڙن، چورين، قتل ۽ ٻين سنگين ڏوهن جي ڪيترين ئي وارداتن ۾ ملوث ۽ پوليس کي گهربل هئا۔شاهزيب چاچڙ چيو ته قبائلي تڪرارن جي آڙ ۾ رت وهائڻ جي اجازت نه ڏني ويندي ۽ هٿيار کڻندڙن خلاف سخت ڪارروائي جاري رهندي۔ پوليس موجب علائقي ۾ سرچ ۽ ڪليئرنس آپريشن جاري آهي
