فلور ملز جي احتجاج ۽ الٽي ميٽم کان پوءِ سنڌ حڪومت ٽريڊرز کي ڪڻڪ جي فراهمي جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا

فلور ملز طرفان ممڪن احتجاج ۽ الٽي ميٽم جي ڌمڪي کان پوءِ سنڌ حڪومت گندم ٽريڊرز کي ڏني ويندڙ سرڪاري ڪڻڪ جي فراهمي جا آرڊر رد ڪري ڇڏيا آهن۔ ان حوالي سان سنڌ حڪومت طرفان باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو آهي، جنهن تحت ٽريڊرز کي ڪڻڪ جي فراهمي فوري طور تي بند ڪئي وئي آهي۔فلور ملز ايسوسيئيشن موجب کاتو خوراڪ طرفان جاري ڪيل هنگامي مراسلي ۾ ٽريڊرز کي جاري ڪيل سڀ ڪڻڪ جا چالان روڪي ڇڏيا ويا آهن۔ فلور ملز جو چوڻ آهي ته جيڪڏهن ٽريڊرز کي سرڪاري ڪڻڪ فراهم ڪئي وئي ته 15 جنوري کان پوءِ اٽي جي کوٽ پيدا ٿي سگهي ٿي۔واضح رهي ته فلور ملز ڪڻڪ ٽريڊرز کي ڏيڻ خلاف احتجاج جو اعلان ڪندي سنڌ حڪومت کي 48 ڪلاڪن جو الٽي ميٽم ڏنو هو ۽ مطالبو ڪيو هو ته ٽريڊرز کي فوري طور ڪڻڪ جي فراهمي بند ڪئي وڃي۔ فلور ملز جو موقف هو ته ٽريڊرز سستي سرڪاري ڪڻڪ وٺي مهانگي اگهه تي وڪرو ڪري رهيا آهن، جڏهن ته اها ڪڻڪ سنڌ جي عوام لاءِ سبسڊي تحت ڏني وڃي ٿي۔فلور ملز ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ تڪرار ڪڻڪ جي غير منصفاڻي ورڇ تي هو۔ فلور ملز جي شڪايتن بعد سنڌ حڪومت سيڪريٽري خوراڪ کي عهدو ڇڏائي گهر موڪلي ڇڏيو آهي، جڏهن ته گريڊ 20 جي آفيسر غلام عباس کي نئون سيڪريٽري خوراڪ مقرر ڪيو ويو آهي۔ماهرن جو چوڻ آهي ته سنڌ حڪومت جو هي قدم اٽي جي ممڪن کوٽ کي روڪڻ ۽ عوامي مفاد کي تحفظ ڏيڻ لاءِ کنيو ويو آهي

پنھنجي راءِ لکو