پاڪستان انٽرنيشنل ايئرلائن (پي آءِ اي) برطانيا ۾ پنهنجي آپريشن کي وڌائيندي اسلام آباد کان لنڊن لاءِ پروازون شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي۔پي آءِ اي جي ترجمان موجب 29 مارچ کان اسلام آباد کان لنڊن لاءِ هفتي ۾ چار پروازون آپريٽ ڪيون وينديون۔ لنڊن جون اهي پروازون هيٿرو ايئرپورٽ جي جديد ترين ٽرمينل 4 تان آپريٽ ٿينديون۔ترجمان ٻڌايو ته لنڊن لاءِ پروازون ڇهن سالن جي ڊگهي وقفي کان پوءِ ٻيهر بحال ڪيون پيون وڃن۔ لنڊن پي آءِ اي جو پهريون بين الاقوامي ۽ انتهائي اهم روٽ رهيو آهي، جڏهن ته پي آءِ اي اڳ ئي مانچسٽر لاءِ هفتي ۾ ٽي پروازون هلائي رهيو آهي۔واضح رهي ته گذريل هفتي عارف حبيب ڪنزورشيئم پي آءِ اي جي نجڪاري لاءِ سڀ کان وڏي بولي کٽي ورتي۔ عارف حبيب گروپ 135 ارب رپين جي بولي سان پي آءِ اي جا 75 سيڪڙو شيئرز خريد ڪيا۔نجڪاري جي آخري مرحلي ۾ عارف حبيب ڪنزورشيئم 135 ارب جڏهن ته لڪي ڪنزورشيئم 134 ارب رپين جي بولي لڳائي هئي۔
