بنگلا ديش ۾ اسپيڪر قومي اسيمبلي اياذ صادق ۽ ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر جي اوچتي ملاقات

بنگلا ديش ۾ پاڪستان جي اسپيڪر قومي اسيمبلي سردار اياذ صادق سان ڀارت جي پرڏيهي وزير ڊاڪٽر ايس جي شنڪر جي اوچتي ملاقات ٿي آهي جيڪا علائقائي حالتن جي تناظر ۾ اهم سمجهي پئي وڃي۔اسپيڪر قومي اسيمبلي اياذ صادق بنگلا ديش جي اڳوڻي وزيراعظم خالدہ ضيا جي جنازي ۾ شرڪت لاءِ سندس رهائشگاهه پهتو، جتي هن مرحومه جي پٽ ۽ ڌيءَ سان ملاقات ڪري تعزيت جو اظهار ڪيو۔خالدہ ضيا جي نماز جنازہ ڍاڪا ۾ پارليامينٽ هائوس آڏو ادا ڪئي وئي، جنهن ۾ پاڪستان جي نمائندگي اياذ صادق ڪئي انهيءَ موقعي تي خالدہ ضيا جي رهائشگاهه تي ڀارتي پرڏيهي وزير جي شنڪر ۽ اياذ صادق وچ ۾ ملاقات پڻ ٿي۔ذريعن موجب جي شنڪر پاڻ اڳتي وڌي اسپيڪر اياذ صادق سان هٿ ملايو۔ ٻنهي اڳواڻن وچ ۾ ڪجهه منٽن لاءِ مختصر ڳالهه ٻولهه ٿي، جنهن دوران هڪ ٻئي جي خيريت بابت پڇا ڪئي وئي۔واضح رهي ته ماضي ۾ پاڪستان ۽ ڀارت جا عملدار مختلف عالمي ڪانفرنسن ۽ ڪرڪيٽ ميچن دوران هڪ ٻئي کي نظرانداز ڪندا رهيا آهن۔ اهڙي صورتحال ۾ هي ملاقات سفارتي حوالي سان بامعنيٰ قرار ڏني پئي وڃي۔هي ملاقات معرڪؤ حق بنيان المرصوص کان پوءِ هڪ غير رسمي رابطو آهي، جنهن جي تصوير سفارتي حلقن ۾ وڏي اهميت حاصل ڪري رهي آهي، خاص طور ان پس منظر ۾ ته ڊونلڊ ٽرمپ موجب پاڪستان ۽ ڀارت وچ ۾ جنگ ايٽمي صورت اختيار ڪري سگهي ٿي۔ان کان اڳ اياذ صادق خالدہ ضيا جي ٻارن سان تعزيت ڪندي چيو ته پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ اوهان سان گڏ آهن۔ مرحومه جي ٻارن نماز جنازہ ۾ شرڪت تي سندس شڪريو ادا ڪيو۔اياذ صادق بنگلا ديش جي نيشنل سيڪيورٽي ايڊوائزر خليل الرحمان سان به ملاقات ڪئي ۽ صدر ۽ وزيراعظم پاڪستان جو تعزيت پيغام پهچايو۔

پنھنجي راءِ لکو