پريالوءِ ٿاڻي جي حد ڳاڙهي ۾ قائم بابا سنگت رام راميجا مندر مان وڏي پئماني تي چوري جو واقعو پيش آيو آهي، جتي نامعلوم چورن مندر جا اٺ تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي وڏي مقدار ۾ قيمتي سامان کڻي فرار ٿي ويا۔چورن مندر مان چندي جي پيٽي سميت پيٽي ۾ موجود رقم، ٽي ڪلو وزن وارو پتل جو جوت، 13 ديگون ڪراڪري جو سامان، مندر ۾ بيٺل موٽرسائيڪل ۽ ٻيو قيمتي سامان کڻي ويا۔صبح جو پوڄا پاٺ لاءِ ايندڙ ڀڳتن جڏهن مندر جا تالا ٽٽل ڏٺا ته فوراً علائقي اسين ۽ پوليس کي اطلاع ڏنو ويو۔ اطلاع ملڻ بعد پوليس واقعي واري جاءِ تي پهچي جاچ شروع ڪري ڇڏي آهي۔مندر مان چوري جي واقعي بعد هندو برادري ۾ شديد غم ۽ غصي جي لهر ڇانئجي وئي آهي۔ ڌيوانن ۽ علائقي واسين مطالبو ڪيو آهي ته مندرن جي حفاظت لاءِ موثر قدم کنيا وڃن، ٿيل نقصان جو ازالو ڪيو وڃي ۽ واقعي ۾ ملوث جوابدارن کي جلد گرفتار ڪيو وڃي۔
