پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) 27هين آئيني ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏيڻ تي سينيٽر سيف الله ابڙو خلاف نااهلي جو ريفرنس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔تفصيل موجب نااهلي جو هي ريفرنس پي ٽي آءِ جي پارلياماني ليڊر سينيٽر علي ظفر طرفان داخل ڪيو ويو، جڏهن ته ڊپٽي پارلياماني ليڊر سينيٽر عون عباس ريفرنس سيڪريٽري سينيٽ وٽ جمع ڪرايوريفرنس ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سينيٽر سيف الله ابڙو پارٽي هدايتن جي ڀڃڪڙي ڪندي فلور ڪراسنگ ڪئي۔ متن مطابق پي ٽي آءِ جي پارلياماني پارٽي 27هين آئيني ترميم جي مخالفت جو گڏيل فيصلو ڪيو هو ۽ ان حوالي سان لکت ۾ هدايتون پڻ جاري ڪيون ويون هيون، پر سينيٽر سيف الله ابڙو انهن هدايتن جي ابتڙ ترميم جي حق ۾ ووٽ ڏنو۔ريفرنس ۾ وڌيڪ ٻڌايو ويو آهي ته سينيٽر سيف الله ابڙو 10 ۽ 15 نومبر تي ٿيندڙ ووٽنگ دوران آئيني ترميم جي حمايت ڪئي۔ پارٽي طرفان کيس شو ڪاز نوٽيس پڻ جاري ڪيو ويو، پر هن وقت تائين ڪو به جواب وصول نه ٿيو آهي۔ريفرنس موجب پارٽي پاليسي جي ڀڃڪڙي تي آئين جي آرٽيڪل 63-اي لاڳو ٿئي ٿو ۽ سينيٽر سيف الله ابڙو پارٽي کان انحراف جو مرتڪب ٿيو آهي۔ درخواست ۾ مطالبو ڪيو ويو آهي ته ريفرنس جلد کان جلد اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان ڏانهن اماڻي قانوني ڪارروائي ڪئي وڃي۔
