موسميات کاتي ڪراچي وارن کي سخت سردي جي نئين لهر کان خبردار ڪندي چيو آهي ته ايندڙ ڏينهن ۾ شهر جو گرمي پد وڌيڪ گهٽجڻ جو امڪان آهي جنهن سبب سردي جي شدت ۾ واڌ ٿي سگهي ٿي۔ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران ڪراچي، ڪوئٽه، لاهور، اسلام آباد، پشاور ۽ ملڪ جي اڪثر علائقن ۾ موسم سرد ۽ خشڪ رهندو، جڏهن ته ڪشمير، گلگت بلتستان، دير، چترال ۽ سوات ۾ موسم انتهائي سرد رهڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔پنجاب جي مختلف ضلعن ۾ صبح جي وقت ڌنڌ ڇانيل رهڻ جو امڪان پڻ ظاهر ڪيو ويو آهي۔اتر بلوچستان جي علائقن، خاص طور تي چمن ۾ برفباري ۽ برسات کانپوءِ يخبسته هوائون هلڻ سبب سردي ۾ اضافو ٿيو آهي، جتي گرمي پد منفي هڪ ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو۔مٿين علائقن ۾ برف سان ڍڪيل جبل ٿڌيون هوائون ۽ حسين نظارا موسم سرما جي شدت کي ظاهر ڪري رهيا آهن۔ مانسهره، شوگراں، ناران، ڪاغان ۽ ايبٽ آباد جا سياحتي هنڌ برف جي سفيد چادر ۾ ڍڪجي ويا آهن۔گليات ۾ ڏهه انچ ۽ ڇانگلا گلي ۾ هڪ فٽ تائين برفباري ٿي چڪي آهي، جڏهن ته مري ۾ به پهرين برفباري کانپوءِ سياحن جو وڏو انگ پهتو آهي۔اپر دير ۽ پاراچنار ۾ پڻ سخت سردي ۽ هر طرف سفيدي ڇانيل آهي۔ موسميات کاتي شهرين ۽ سياحن کي احتياطي تدبيرون اختيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي آهي۔
