وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز واگهہ بارڊر تي تعمير ڪيل جديد ۽ وسيع ارينا جو باقاعده افتتاح ڪري ڇڏيو، جتي تماشائين لاءِ نشستون ساڍي ست هزار مان وڌائي 25 هزار ڪيون ويون آهن۔واگهہ بارڊر تي اهتمام هيٺ جوائنٽ چيڪ پوسٽ تي منعقد افتتاحي تقريب ۾ وزيراعليٰ پنجاب بطور مهمانِ خاص شرڪت ڪئي۔ تقريب ۾ سينيئر وزير مريم اورنگزيب ڪور ڪمانڊر لاهور، صوبائي وزير، سينيئر بيوروڪريسي ۽ ٻيا اعليٰ عملدار پڻ موجود هئا۔ارينا جي توسيع سان گڏ جوائنٽ چيڪ پوسٽ واگهہ تي ڪيتريون ئي نيون تعميرون ڪيون ويون آهن، جن ۾ ورهاڱي جي عڪاسي لاءِ ريلوي اسٽيشن جو ماڊل جنگي سامان ۽ شهيدن جي يادگار شامل آهن۔ ان سان گڏ تحريڪِ آزادي کان وٺي اڄ تائين پاڪستان جي تاريخ ۽ ثقافت کي اجاگر ڪندڙ پاڪستان ميوزيم پڻ قائم ڪيو ويو آهي۔نئين سهولتن ۾ اضافي آفيسون، پنجاب رينجرز جي جوانن لاءِ بيرڪس، نمازين لاءِ الڳ نماز ايريا، فوڊ ڪورٽس ۽ وسيع ڪار پارڪنگ شامل آهن۔ بابِ آزادي تي شاهي قلعو جي طرز تي عالمگيري دروازو پڻ نصب ڪيو ويو آهي۔افتتاحي تقريب دوران واگهہ جوائنٽ چيڪ پوسٽ تي لڳايل قومي جهنڊي جي اوچائي 115 ميٽر مان وڌائي 139 ميٽر ڪئي وئي، جيڪو ايشيا جو ستون ۽ ڏکڻ ايشيا جو سڀ کان اوچو قومي جهنڊو قرار ڏنو پيو وڃي۔ تقريب موقعي تي سخت سيڪيورٽي انتظام ڪيا ويا هئا۔
