پاڪستان بنگلاديش جي بيمان ايئرلائن کي سڌين پروازن جي اجازت ڏئي ڇڏي

پاڪستان بنگلاديش جي قومي ايئرلائن بيمان بنگلاديش ايئرلائن کي ڍاڪا ۽ ڪراچي جي وچ ۾ سڌيون پروازون هلائڻ جي اجازت ڏئي ڇڏي آهي
حڪومت جي منظوري بعد ڊي جي سول ايويئيشن اٿارٽي سڌين پروازن جي اجازت جاري ڪئي۔ شروعاتي طور بيمان بنگلاديش ايئرلائن کي 30 مارچ 2026 تائين ٽن مهينن لاءِ پروازون هلائڻ جي اجازت ڏني وئي آهي۔ذريعن موجب بيمان ايئرلائن کي منظور ٿيل روٽن تحت پاڪستان جي هوائي حد استعمال ڪرڻ جي اجازت هوندي، جڏهن ته پاڪستاني ايئر اسپيس ۾ داخل ٿيڻ دوران مقرر ڪيل هوائي رستن تي عمل لازمي هوندو۔سي اي اي موجب بيمان ايئرلائن کي ڪراچي ايئرپورٽ تي سلاٽن جي منظوري پڻ ملي چڪي آهي جڏهن ته پروازن بابت مڪمل ڄاڻ ڪراچي ايئرپورٽ انتظاميه کي فراهم ڪرڻي پوندي۔سول ايويئيشن اٿارٽي جو چوڻ آهي ته هن فيصلي سان پاڪستان ۽ بنگلاديش جي وچ ۾ هوابازي جي شعبي کي هٿي ملندي ۽ ٻطرفي لاڳاپا وڌيڪ مضبوط ٿيندا۔

پنھنجي راءِ لکو