ايڊیشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان عهدو سنڀالڻ بعد پنهنجو پهريون حڪمنامو جاري ڪندي ڪورنگي ايسوسيئيشن آف ٽريڊ اينڊ انڊسٽري (ڪاٽي) سان لاڳاپيل واپارين جي شڪايتن ۽ مسئلن جي ازالي لاءِ پنج رڪني خاص ٽاسڪ فورس قائم ڪري ڇڏي آهي۔ ڪاٽي واپارين تازو ئي سنڌ جي وڏي وزير ۽ صوبائي گهرو وزير سان ملاقات ڪري پنهنجي خدشن کان آگاهه ڪيو هو، جڏهن ته گذريل ڏينهن آءِ جي سنڌ جاويد عالم اوڍو سان به ملاقات ڪئي وئي هئي۔ انهن ملاقاتن ۽ شڪايتن جي نتيجي ۾ ٽاسڪ فورس جوڙڻ جو فيصلو ڪيو ويو۔ڊي آءِ جي ايسٽ فرخ علي جي سربراهي ۾ قائم ڪيل ٽاسڪ فورس ۾ ايس ايس پي ڪورنگي فدا حسين جانوري، ايس ايس پي ايس آءِ يو ڊاڪٽر عمران، ايس ايس پي ملير عبدالخالق ۽ ايس ايس پي ايسٽ زبير شيخ ميمبر طور شامل آهن۔هي ٽاسڪ فورس ڪورنگي ٽريڊ اينڊ انڊسٽري زون ۾ امن امان جي صورتحال جو جائزو وٺندي ۽ واپارين جي مسئلن جي حل لاءِ رابطي ۽ نگراني جو موثر فورم فراهم ڪندي۔حڪمنامو موجب ٽاسڪ فورس جو چيئرمين ضرورت پوڻ تي ڪراچي رينج يا سنڌ پوليس جي ڪنهن به آفيسر کي مدد لاءِ شامل ڪري سگهي ٿو، جڏهن ته سنڌ پوليس جي آفيسر جي شموليت لاءِ آءِ جي سنڌ جي منظوري ضروري هوندي۔صنعتي حلقن ايڊیشنل آءِ جي ڪراچي آزاد خان جي هن فيصلي کي ڀليڪار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته ان سان ڪورنگي صنعتي علائقي ۾ امن امان بهتر ٿيندو ۽ واپارين جا مسئلا حل ٿي سگهندا۔
