راولپنڊي جي علائقي صدر بيروني ۾ پوليس ۽ خطرناڪ ڦورن وچ ۾ فائرنگ جي ڏي وٺ دوران چار ڦورو مارجي ويا جڏهن ته ٻه فرار ٿي ويا۔ پوليس فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ سرچ آپريشن شروع ڪري ڇڏيو آهي۔ ٿوري دير اڳ هڪ شهري کان گن پوائنٽ تي گاڏي ڦر ڪري فرار ٿيندڙ بين الاضلاعي ڦر ۽ اجرتي قاتل گينگ جو تعاقب ڪيو پيو ويو ڪار سنيچنگ جي اطلاع تي صدر بيروني پوليس مشڪوڪ گاڏين کي روڪڻ جي ڪوشش ڪئي، جنهن تي جوابدارن پوليس پارٽي تي انڌا ڌند فائرنگ شروع ڪري ڏني، نتيجي ۾ مقابلو ٿيو۔وليس موجب فائرنگ دوران جوابدار پنهنجن ئي ساٿين جي گولين جو نشانو بڻيا۔ مارجي ويل ڦورن جي سڃاڻپ يونس، حميد، عاصم خان ۽ حيدر طور ٿي آهي، جڏهن ته ٻه جوابدار موقعي تان فرار ٿي ويا۔پوليس جو چوڻ آهي ته مارجي ويل جوابدار ڪار سنيچنگ، ڦر ۽ قتل جهڙن سنگين ڪيسن ۾ رڪارڊ يافته ۽ گهربل هئا۔ ڪجهه ڏينهن اڳ ساڳئي گينگ صدر بيروني ۾ فيملي سان ويندڙ هڪ واپاري کي فائرنگ ڪري قتل ڪيو هو، جنهن جي وڊيو فوٽيج به سامهون اچي چڪي آهي۔مقابلي دوران پوليس شهري کان ڦر ڪيل گاڏي، هٿيار، گوليون، 50 هزار رپيا نقد، سڃاڻپ ڪارڊ ۽ ٻيون شيون هٿ ڪيون آهن۔ پوليس موجب گينگ جي استعمال هيٺ هڪ ٻي گاڏي اسلام آباد مان به گن پوائنٽ تي ڦر ڪئي وئي هئي۔واقعي بعد سينئر پوليس آفيسر موقعي تي پهچي ويا، جڏهن ته فرار جوابدارن جي گرفتاري لاءِ مختلف هنڌن تي ڇاپا هنيا پيا وڃن۔ پوليس قتل، اقدام قتل ۽ ٻين دفعات تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي۔ان موقعي تي سٽي پوليس آفيسر سيد خالد همداني چيو ته شهرين جي جان ۽ مال تي حملو ڪندڙ ڪنهن به صورت قانون کان بچي نٿا سگهن، ۽ ڏوهن پيشه عنصرن خلاف ڪارروائيون جاري رهنديون۔
