پاڪ فضائيه فضا مان فائر ٿيندڙ جديد ڪروز ميزائل “تيمور ويپن سسٽم” جو ڪامياب تجربو ڪري ورتو آهي، جيڪو 600 ڪلو ميٽر تائين زميني ۽ سامونڊي هدفن کي انتهائي درستگي سان نشانو بڻائڻ جي صلاحيت رکي ٿو۔پاڪ فوج جي شعبي تعلقات عامه (آءِ ايس پي آر) موجب تيمور ويپن سسٽم دشمن جي اهم زميني ۽ بحري هدفن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي۔ ميزائل ۾ جديد نيويگيشن ۽ گائيڊنس سسٽم لڳايل آهن، جيڪي گهٽ اوچائي تي اڏام ڪندي دشمن جي دفاعي نظام کان بچڻ جي صلاحيت رکن ٿا۔آءِ ايس پي آر جو چوڻ آهي ته تيمور ويپن سسٽم جو ڪامياب تجربو پاڪ فضائيه جي آپريشنل تياري ۽ جنگي صلاحيت جو واضح ثبوت آهي۔ٽيسٽ فائرنگ دوران پاڪ فوج جا سينئر آفيسر، نامور سائنسدان ۽ انجنيئر موجود هئا۔ايئر چيف مارشل ظهير احمد بابر سائنسدانن، انجنيئرن ۽ پاڪ فضائيه جي ٽيم کي شاندار ڪاميابي تي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هي ڪاميابي قومي خودڪفالت ۽ مضبوط دفاعي صلاحيت جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿي۔وزيراعظم شهباز شريف به تيمور ويپن سسٽم جي ڪامياب تجربے تي پاڪ فضائيه کي مبارڪباد ڏيندي چيو ته هن ميزائل سسٽم سان ملڪ جو دفاع وڌيڪ مضبوط ٿيندو۔صدر آصف علي زرداري پاڪ فضائيه جي هن ڪاميابي کي قومي دفاع لاءِ اهم اڳڀرائي قرار ڏيندي چيو ته ملڪ ۾ جديد هٿيارن جي تياري قومي صلاحيت ۽ عزم جو واضح ثبوت آهي، جيڪو خطي ۾ استحڪام کي به هٿي ڏيندو۔
