پنجاب گرين ٽريڪٽر پروگرام فيز ٿري 10 هزار ٽريڪٽرن جي قرعہ اندازي درخواستون 6 جنوري کان

پنجاب حڪومت طرفان پنجاب گرين ٽريڪٽر پروگرام جي ٽئين مرحلي جي قرعہ اندازي لاءِ تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن، جنهن تحت نئين سال 2026 جي شروعات تي هارين لاءِ خاص تحفو متعارف ڪرايو پيو وڃي۔ 50 کان 65 هارس پاور جا 10 هزار گرين ٽريڪٽر هارين کي فراهم ڪيا ويندا هارين کان درخواستون 6 جنوري 2026 بروز اڱارو کان وصول ڪيون وينديون۔درخواست جمع ڪرائڻ جي آخري تاريخ 20 جنوري 2026 مقرر ڪئي وئي آهي۔ وڌيڪ ڄاڻ لاءِ هاري زرعي کاتي پنجاب جي ايگريڪلچرل هيلپ لائن 0800-17000 تي رابطو ڪري سگهن ٿا۔واضح رهي ته گرين ٽريڪٽر پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ 7 لک 34 هزار هارين درخواستون ڏنيون، جن مان 2 لک 82 هزار هاري قرعہ اندازي جا اهل قرار ڏنا ويا، جڏهن ته 9 هزار 500 هاري ڪامياب ٿيا هئا۔انگن اکرن موجب 98 سيڪڙو هارين پاڪستان ۾ تيار ڪيل ٽريڪٽرن لاءِ درخواست ڏني، جڏهن ته 2 سيڪڙو جديد امپورٽڊ ٽريڪٽرن کي ترجيح ڏني، جنهن بعد غير ملڪي ڪمپنين پنجاب ۾ پنهنجا ڊيلر ۽ آفيسون قائم ڪيون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو