لکي مروت ۽ بنون ۾ جدا جدا فائرنگ جي واقعن ۾ مجموعي طور 4 پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويا.
لکي مروت پوليس ترجمان موجب، سرائي نورنگ شهر ۾ اڻڄاتل موٽر سائيڪل سوار دهشتگردن فائرنگ ڪئي، جنهن ۾ ڊيوٽي تي مقرر ٽن ٽريفڪ اهلڪارن جي حياتيون وڃائي ويون. شهيد اهلڪارن ۾ انچارج ٽريفڪ پوليس نورنگ جلال خان، ڪانسٽيبل عزيزالله ۽ ڪانسٽيبل عبدالله شامل آهن. فائرنگ بعد دهشتگرد فرار ٿي ويا، جڏهن ته شهيد اهلڪارن جا لاش تعلقه هيڊ ڪوارٽر اسپتال سرائي نورنگ منتقل ڪيا ويا.
ٻئي طرف، بنون پوليس موجب، منڊان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ سبب هڪ پوليس اهلڪار شهيد ٿي ويو. ڪانسٽيبل رشيد خان گهر کان ڊيوٽي لاءِ منڊان ٿاڻي وڃي رهيو هو ته حملي جو شڪار ٿيو.
خيبرپختونخواهه جي وڏي وزير سهيل آفريدي لکي مروت ۾ فائرنگ جي واقعي جي سخت مذمت ڪئي ۽ شهيد ٽريفڪ اهلڪارن جي وارثن سان تعزيت جو اظهار ڪيو. هن چيو ته واقعو افسوسناڪ آهي ۽ شهيد اهلڪارن جون قربانيون رائيگان نه وينديون. بزدلاڻي حملن سان ملڪ دشمن عناصر ڪامياب نه ٿيندا.
وڏي وزير چيو ته ملوث عناصر کي قانون جي ڪٽهڙي ۾ آڻي ڪيفر ڪردار تائين پهچايو ويندو ۽ صوبائي حڪومت پوليس فورس سان گڏ بيٺل آهي. شهيدن جي وارثن کي هر ممڪن مدد فراهم ڪئي ويندي.
