گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل سومر تي هنگامي اجلاس منعقد ڪندي، جنهن ۾ وينزويلا ۾ آمريڪا جي فوجي ڪارروائي ۽ عالمي امن ۽ سلامتي کي لاحق خطرن تي بحث ڪيو ويندو.
سيڪريٽري جنرل انتونيو گوتريس خبردار ڪيو آهي ته وينزويلا ۾ تازي اڳڀرائي عالمي قانون لاءِ خطرناڪ مثال بڻجي سگهي ٿي. ترجمان موجب، سيڪريٽري جنرل فڪرمند آهي ته آمريڪا جي ڪارروائي سان خطي ۾ عدم استحڪام پيدا ٿي سگهي ٿو ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي اصولن جي ڀڃڪڙي ٿي آهي.
هن اجلاس کي ڪولمبيا جي درخواست تي گهرايو ويو، جنهن کي چين ۽ روس پڻ حمايت ڪئي آهي. وينزويلا پڻ باضابطه طور تي سلامتي ڪائونسل سان رابطو ڪيو آهي. اجلاس ۾ عالمي امن ۽ سلامتي تي اثرانداز ٿيندڙ خطرن تي غور ڪيو ويندو ۽ سيڪريٽري جنرل ميمبرن کي بريفنگ ڏيندا.
وينزويلا آمريڪي قدم کي پنهنجي خودمختاري خلاف جارحيت قرار ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته اها ڪارروائي ملڪ جي قدرتي وسيلن، خاص طور تي تيل جي ذخائر تي قبضي جي ڪوشش آهي. چين ۽ روس به آمريڪا جي قدم جي سخت مذمت ڪندي، ان کي عالمي قانون جي کليل ڀڃڪڙي قرار ڏنو آهي.
ٻئي طرف، آمريڪا جو موقف آهي ته ڪارروائي سيڪيورٽي ۽ ڏوهن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڪئي وئي آهي، پر ڪيترن ئي ملڪن جو چوڻ آهي ته ڪنهن به رياستي سربراهه کي طاقت ذريعي هٽائڻ گڏيل قومن جي چارٽر جي خلاف آهي.
سفارتي حلقن موجب، سلامتي ڪائونسل جي اجلاس ۾ سخت اختلافن جو امڪان آهي، ۽ ڪنهن به گڏيل قرارداد جي منظوري جو امڪان گهٽ آهي.
