ماءُ ۽ ٽن ٻارن کي قتل ڪري لاشون گٽر ۾ اڇلائڻ واري جوابدار جا حيران ڪندڙ انڪشاف قتل جو سبب ظاهر

ڪراچي جي علائقي مائي ڪلاچي ۾ ماءُ ۽ سندس ٽن معصوم ٻارن کي قتل ڪري لاشون گٽر ۾ اڇلائڻ واري دل ڏهلايندڙ واقعي ۾ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي۔ پوليس مرڪزي جوابدار مسرور حسين کي جوڊيشل مجسٽريٽ غربي جي عدالت ۾ پيش ڪيو، جتي عدالت جوابدار کي پنج ڏينهن جي جسماني ريماند تي پوليس حوالي ڪري ڇڏيو۔تفتیشي آفيسر عدالت کي ٻڌايو ته جوابدار ابتدائي جاچ دوران ئي پنهنجي ڏوهه جو اعتراف ڪري چڪو آهي، جڏهن ته وڌيڪ حقيقتون معلوم ڪرڻ لاءِ جسماني ريماند ضروري آهي۔پوليس موجب جوابدار بيان ڏنو آهي ته مقتول عورت تعويز گنڊو ڪندي هئي، جنهن سبب هو ذهني پريشاني ۾ مبتلا هو۔ جوابدار جو چوڻ آهي ته انهيءَ پريشاني سبب هن انيلا ۽ سندس ٽن ٻارن کي قتل ڪري ڇڏيو۔پوليس جو چوڻ آهي ته واقعي جي هر رخ کان جاچ جاري آهي ۽ وڌيڪ انڪشافات متوقع آهن۔

پنھنجي راءِ لکو