ٽبہ سلطان پور ۾ ڌند سبب ٻه بسون ۽ ڪار ٽڪرائجڻ 12 ڄڻا زخمي

پنجاب جي علائقي ٽبہ سلطان پور ۾ سخت ڌند سبب ٽريفڪ جو وڏو حادثو پيش آيو، جتي لاهور کان ڪراچي ويندڙ ٻه بسون ۽ هڪ ڪار پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون۔حادثي جي نتيجي ۾ ڪار ڊرائيور سميت 12 ڄڻا زخمي ٿي پيا۔ حادثو چوک ميتهلا جي علائقي ۾ پيش آيو، جتي ڌند سبب حدِ نظر تمام گهٽ هئي۔ زخمين کي فوري طور ويجهي اسپتال منتقل ڪيو ويوريسكيو اختيارين ٻڌايو ته حادثي جو شڪار ٻئي بسون مسافر کڻي لاهور کان ڪراچي وڃي رهيون هيون جڏهن ته ڪار بهاولپور ڏانهن سفر ڪري رهي هئي۔ابتدائي جاچ موجب حادثو ڌند سبب پيش آيو، جڏهن ته واقعي جي وڌيڪ جاچ جاري آهي۔واضح رهي ته گذريل ڏينهن نوابشاهه جي مهراڻ هاءِ وي تي پڻ ٻه ڪارون ٽڪرائجڻ سبب عورت سميت ٽي ڄڻا فوت ۽ ٻه ٻار زخمي ٿي پيا هئا۔ پوليس عملدارن شهرين کي اپيل ڪئي آهي ته ڌند دوران احتياط سان ڊرائيونگ ڪن ته جيئن وڌيڪ حادثن کان بچي سگهجي۔

پنھنجي راءِ لکو