حڪومت جو اهم فيصلو تيل جي فراهمي ٽرانسپورٽ بدران پائپ لائن ذريعي فيصل آباد کان ٺليان تائين منصوبو

حڪومت پاڪستان ملڪ ۾ تيل جي فراهمي کي ٽرانسپورٽ سسٽم بدران جديد پائپ لائن نيٽ ورڪ تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو تيار ڪري ورتو آهي منصوبي جي پهرين مرحلي ۾ فيصل آباد کان ٺليان تائين پائپ لائن وڇائي ويندي وفاقي وزير پيٽروليم علي پرويز ملڪ صحافين کي بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت ڊيزل جي 100 سيڪڙو ۽ پيٽرول جي 60 سيڪڙو فراهمي ٽرانسپورٽ وسيلي ٿي رهي آهي، جنهن سبب خرچ ۽ اسمگلنگ وڌي رهي آهي. پائپ لائن سسٽم سان خرچ گهٽ ٿيندو ۽ صارفين کي سڌو فائدو ملندو.هن چيو ته غيرقانوني آئل سپلائي چين ۽ اسمگلنگ روڪڻ لاءِ ٽريڪر سسٽم تي عمل شروع ڪيو ويو آهي. پاڪستان ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل جي سالياني اسمگلنگ لڳ ڀڳ 300 ارب رپيا آهي.وفاقي وزير موجب پيٽروليم شعبي ۾ سڌارن سبب گيس جي قيمتن ۾ استحڪام آيو آهي ۽ گيس گردشي قرض جو فلو صفر ڪيو ويو آهي، جڏهن ته مجموعي گردشي قرض لڳ ڀڳ 1500 ارب رپيا آهي، جنهن جي حل لاءِ نائب وزيراعظم جي سربراهي ۾ هاءِ پاورڊ ڪميٽي قائم ڪئي وئي آهي.

پنھنجي راءِ لکو