پاڪستان ۾ فائيَو جي اسپيڪٽرم نيلا مي وفاقي حڪومت پاليسي ڊائريڪٽو جاري ڪيو

روڻينا فروري ۾ پاڪستان ۾ فائيَو جي (5G) اسپيڪٽرم جي نيلا مي لاءِ رستو هموار ٿي ويو آهي، وفاقي حڪومت انهي سلسلي ۾ پاليسي ڊائريڪٽو جاري ڪري ڇڏيو آهي۔ملڪ ۾ براڊ بينڊ صارفين جي تعداد 15 ڪروڙ 20 لک کان وڌي چڪي آهي، ۽ انهن جي سهولت لاءِ 700، 1800، 2100 2300، 2600 ۽ 3500 ميگا هرٽز بينڊز ۾ اسپيڪٽرم جي نيلا مي ڪئي ويندي۔ پي ٽي اي کي شفاف ۽ مسابقتي نيلا مي ڪرائڻ جي هدايت ڏني وئي آهي۔پاليسي ڊائريڪٽو موجب موجوده موبائل آپريٽرز ۽ نئين سيڙپڪار ٻنهي حصو وٺي سگهندا۔ مختلف بينڊز جي بنيادي قيمتون هيٺيون مقرر ڪيون ويون آهن:700 ميگا هرٽز: 65 لک ڊالر في ميگا هرٽز 1800 ۽ 2100 ميگا هرٽز: 1 ڪروڙ 40 لک ڊالر في ميگا هرٽز 2300 ميگا هرٽز: 10 لک ڊالر في ميگا هرٽز 2600 ميگا هرٽز: 12 لک 50 هزار ڊالر في ميگا هرٽز 3500 ميگا هرٽز: 6 لک 50 هزار ڊالر في ميگا هرٽز نيلا ٿيل اسپيڪٽرم ٽيڪنالاجي نيوٽرل هوندو، ۽ ڪنهن هڪ ٽيڪنالاجي تي پابندي نه هوندي۔ لائسنس وارن آپريٽرز کي 15 سالن لاءِ نئون لائسنس ڏنو ويندو، جڏهن ته اسپيڪٽرم ٽريڊنگ ۽ شيئرنگ جي اجازت پڻ هوندي۔ وفاقي حڪومت فروري جي وچ تائين نيلا مي مڪمل ڪرڻ جو هدف مقرر ڪيو آهي، جنهن کان پوءِ پي ٽي اي انفارميشن ميمنڊم جاري ڪندو۔ هي قدم جديد ۽ سستي موبائل سروسز جي فراهمي لاءِ اهم آهي۔

پنھنجي راءِ لکو