خيبر پختونخوا جو وزيراعليٰ سهيل آفريدي چار ڏينهن جي دوري تي ڪراچي پهچي ويو آهي۔وزيراعليٰ ڪلاڪن جي دير سان جناح انٽرنيشنل ايئرپورٽ پهتو، جتي سندس ساڻ ڪي پي ڪابينا جا ميمبر ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جا پارليامينٽرين پڻ موجود هئا۔
ايئرپورٽ تي پي ٽي آءِ اڳواڻ حليم عادل شيخ، ڪراچي صدر راجا اظهر ۽ ٻين اڳواڻن وزيراعليٰ جو استقبال ڪيو، جڏهن ته سنڌ حڪومت طرفان صوبائي وزير سعيد غني پڻ آڌرڀاءُ لاءِ موجود هو۔
بعد ۾ وزيراعليٰ کي پارٽي ڪارڪنن جي قافلي سان انصاف هائوس آندو ويو، جتي هو مقامي قيادت ۽ چونڊيل نمائندن سان ملاقاتون ڪندو۔
ان کان اڳ ايئرپورٽ تي استقبال لاءِ آيل پي ٽي آءِ ڪارڪن پاڻ ۾ جهيڙي ۾ الجهي پيا، جنهن دوران هڪ ٻئي تي لاتون ۽ مڪون هنيون ويون۔ پارٽي قيادت ۽ ٻين ماڻهن مداخلت ڪري حالتون سنڀاليون۔
واضح رهي ته سهيل آفريدي پنهنجي دوري دوران وزيراعليٰ سنڌ سان ملاقات، ڪراچي پريس ڪلب جو دورو، انصاف هائوس ۾ اجلاس، حيدرآباد ۽ ڪوٽڙي ۾ اسٽرٽ موومينٽ جي قيادت، آءِ ايس ايف ڪنوينشن ۽ آچر 11 جنوري تي مزار قائد تي جلسي کي خطاب ڪندو۔
