پاڪستان ۾ ايران جي سفير رضا اميري مقدم چيو آهي ته ايران ۾ قيمتن ۾ واڌ خلاف واپارين ۽ ڪاروباري حلقن جو پرامن احتجاج حڪومت تسليم ڪيو آهي. هن چيو ته احتجاج جائز مطالبن تي ٻڌل هو، پر ڪجهه فسادي ۽ پرڏيهي اثر رکندڙ عنصرن ان صورتحال جو غلط فائدو ورتو.رضا اميري موجب فسادي عنصرن مارڪيٽن، رهائشي علائقن ۽ سرڪاري ادارن تي حملا ڪيا ۽ پرامن احتجاج کي انتشار ۾ بدلائڻ جي ڪوشش ڪئي. هن واضح ڪيو ته ايران جو پيغام آهي ته امن امان خراب ڪندڙن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي.ٻئي طرف، ايران ۾ موجود پاڪستاني شهرين جي سهولت لاءِ تهران ۾ پاڪستاني سفارت خاني پاران ڪرائسس مينيجمينٽ يونٽ قائم ڪيو ويو آهي. پاڪستاني سفير مدثر ٽيپو چيو ته ڪنهن به هنگامي صورتحال ۾ شهرين لاءِ رابطو ڪرڻ جون سهولتون موجود آهن.سفارت خاني پنج رابطا نمبر به جاري ڪيا آهن، جيڪي 24 ڪلاڪ کليل رهندا، جڏهن ته سوشل ميڊيا تي به مڪمل تفصيل شيئر ڪئي وئي آهي.
