اسلام آباد ۾ شادي واري گهر ۾ سلنڊر ڌماڪو گهوٽ ۽ ڪنوار سميت 8 ڄڻا فوت

وفاقي راڄڌاني اسلام آباد جي سيڪٽر جي سيون ٽو ۾ هڪ شادي واري گهر ۾ گئس سلنڊر ڦاٽي پيو، جنهن جي نتيجي ۾ دولها ۽ دلھن سميت 8 ڄڻا فوت ٿي ويا جڏهن ته ڪيترائي ماڻهو زخمي ٿي پيا۔ ڌماڪي وقت گهر ۾ شادي جون تقريبون جاري هيون، اوچتو زوردار ڌماڪي سان خوشيون ماتم ۾ تبديل ٿي ويون ۽ علائقي ۾ خوف ۽ ڏک ڇانئجي ويو۔ ڌماڪي سبب ويجها ڪيترائي گهر به متاثر ٿيا۔اطلاع ملندي ئي پوليس، انتظاميا ۽ ريسڪيو ٽيمون موقع تي پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪيون۔ ايڊيشنل ڊپٽي ڪمشنر جنرل موجب 5 لاشون ۽ 10 زخمي ڪڍيا ويا، جڏهن ته اسپتال منتقل ڪيل زخمين مان وڌيڪ 3 فوت ٿي ويا۔پمز اسپتال ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي ۽ زخمين ۾ ٻه ٻار به شامل آهن۔ اختيارين موجب ٽي گهر مڪمل طور تباهه ۽ هڪ جزوي متاثر ٿيو آهي۔ واقعي جا سبب ڄاڻڻ لاءِ جاچ شروع ڪئي وئي آهي

پنھنجي راءِ لکو