راولپنڊي ۾ نرسنگ سينٽر آف ايڪسي لينس ٺاهڻ جو فيصلو فيڊرل ٽي بي سينٽر جي زمين منتقل

پنجاب حڪومت راولپنڊي ۾ نرسنگ سينٽر آف ايڪسي لينس تعمير ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي۔ وزارت صحت جي ذريعن موجب صوبي جي صحت کاتي وفاقي حڪومت سان رابطو ڪيو آهي ۽ ٽي بي سينٽر جي زمين پنجاب جي قبضي ۾ ڏيڻ جي درخواست ڪئي آهي فيڊرل ٽي بي سينٽر جي عمارت قبضي ملڻ سان مسمار ڪئي ويندي ۽ نئين تعمير تي فوراً ڪم شروع ڪيو ويندو۔ نئون نرسنگ سينٽر آف ايڪسي لينس ساڳئي هنڌ تعمير ٿيندو ۽ ان جي فنڊنگ ايشيائي ترقياتي بينڪ جي مدد سان ڪئي ويندي۔هي منصوبو صوبي ۾ صحت شعبي کي مضبوط ڪرڻ ۽ نرسنگ جي تعليم ۽ تربيت کي عالمي معيار مطابق اڳتي وڌائڻ لاءِ اهم قدم آهي۔

پنھنجي راءِ لکو