هائوس هولڊ انٽيگريٽيڊ اڪنامڪ سروي موجب پاڪستان ۾ عام شهري پنهنجي آمدني جو تقريباً ٻه ٽيهه حصو رڳو کاڌي ۽ بجلي جي بلن تي خرچ ڪري ٿو، جنهن کان پوءِ باقي ضرورتون پوريون ڪرڻ ڏکيو ٿي پوي ٿو سروي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته تعليم تي صرف 2.5 سيڪڙو خرچ ڪيو وڃي ٿو، جڏهن ته رهائشي خرچ وڌيڪ آهن. ساڳي وقت، پرڏيهي ترسيل زر جو حصو 5 سيڪڙو کان وڌي لڳ ڀڳ 8 سيڪڙو ٿي ويو آهي، جيڪو معاشي دٻاءَ کي ظاهر ڪري ٿو.ماهرن خبردار ڪيو آهي ته روزگار جا موقعا گهٽ ٿيڻ سبب نوجوان ۽ قابل ماڻهو ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي رهيا آهن، جيڪو ملڪ جي مستقبل لاءِ خطرناڪ آهي۔
