پنجاب حڪومت جو اهم فيصلو سرڪاري کاتن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل گاڏين جي خريداري تي پابندي

پنجاب حڪومت صوبي ۾ ماحول دوست ٽرانسپورٽ جي فروغ لاءِ اهم قدم کڻي ڇڏيو آهي۔ چيف سيڪريٽري پنجاب موجب سرڪاري کاتن ۾ پيٽرول ۽ ڊيزل تي هلندڙ گاڏين جي خريداري تي مڪمل پابندي لڳائي وئي آهي، جڏهن ته هاڻي صرف اليڪٽرڪ يا هائبرڊ گاڏيون خريد ڪيون وينديون۔ البت فيلڊ ڊيوٽي تي مامور گاڏين کي هن پابندي کان مستثنيٰ قرار ڏنو ويو آهي۔چيف سيڪريٽري ٻڌايو ته نون پيٽرول پمپن لاءِ اين او سي جي منظوري اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽن جي انسٽاليشن سان مشروط ڪئي وئي آهي، ۽ ڪنهن به نئين پمپ کي بغير چارجنگ يونٽ جي ڪم ڪرڻ جي اجازت نه ملندي۔هن چيو ته ماحولياتي تحفظ لاءِ گرين انرجي کي هٿي ڏني پئي وڃي، جڏهن ته جلد ئي نئين اليڪٽرڪ وهڪل پاليسي متعارف ڪرائي ويندي۔چيف سيڪريٽري پنجاب موجب اين او سي حاصل ڪندڙ 170 نون پيٽرول پمپن تي اليڪٽرڪ چارجنگ يونٽ لڳائڻ لازمي قرار ڏنو ويو آهي، جن ۾ فيصل آباد ۾ 29، لاهور ۾ 14، بهاولپور ۾ 10، خاني وال ۽ بهاولنگر ۾ 9، راولپنڊي ۽ جهَنگ ۾ 8، جڏهن ته ٽوبه ٽيڪ سنگهه، ميانوالی، قصور ۽ چنيئوٽ ۾ 7 نوان پيٽرول پمپ شامل آهن۔هن وڌيڪ چيو ته اهي قدم نه رڳو ماحولياتي تحفظ کي يقيني بڻائيندا پر صوبي ۾ گرين ٽرانسپورٽ ۽ پائيدار ترقي کي به هٿي ڏيندا۔

پنھنجي راءِ لکو