ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ کي ٽيرف ۽ قيمتن جي تعين جا اختيار ملي ويا

ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ کي ٽيرف، قيمتن ۽ چارجز جي تعين جا اختيار ملي ويا آهن۔ سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري ترميمي بل تي صحيون ڪري ڇڏيون آهن، جنهن بعد اهو قانون لاڳو ٿي ويو آهي۔بل جي منظوري کان پوءِ ڪوئلي جي قيمت، اگهه ۽ ٻين چارجز تي ڪنٽرول جو اختيار بورڊ وٽ هوندو، جڏهن ته بورڊ کي پنهنجي فيصلن تي نظرثاني ڪرڻ جو به قانوني حق حاصل ٿي ويو آهي۔ ان سان گڏ بورڊ کي فيس لاڳو ڪرڻ ۽ فيصلن جو جائزو وٺڻ جو اختيار پڻ ڏنو ويو آهي۔ هن ترميم جو مقصد ٿر ڪول اينڊ انرجي بورڊ جي ريگيوليٽري اختيارن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ، شفافيت کي يقيني بڻائڻ ۽ مينيجنگ ڊائريڪٽر جي مقرري جي طريقيڪار کي بهتر بنائڻ آهي۔ هن قدم سان ٿر جي ڪوئلي ۽ توانائي واري شعبي ۾ وڌيڪ بهتري ايندي۔هن ترميم سان بورڊ جي ريگيوليٽري ڪردار ۾ وڌيڪ مضبوطي ايندي ۽ ان جي قانوني ۽ ضابطي وارا اختيار قومي ريگيوليٽرن جي معيار مطابق مضبوط بڻايا ويندا۔

پنھنجي راءِ لکو