ڪراچي ڀرسان زيارت حسن شاه ٻيٽ کي ايڪو ٽوئرزم حب بڻائڻ جو اعلان

وفاقي وزير بحري معاملن جنيد انوار چوڌري ڪراچي ڀرسان واقع زيارت حسن شاه ٻيٽ کي جديد ايڪو ٽوئرزم حب ۾ تبديل ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي۔ هن منصوبي جو مقصد ماحول دوست، اسپورٽس ۽ لائف اسٽائل سياحت کي هٿي ڏيڻ آهي۔وفاقي وزير موجب زيارت حسن شاه ٻيٽ کي جديد سياحتي مرڪز بڻائڻ واري منصوبي تي هڪ کان ڏيڍ ارب رپين جي لاڳت جو اندازو لڳايو ويو آهي، جڏهن ته هن منصوبي تحت اربين رپين جي سيڙپڪاري متوقع آهي۔هن ٻڌايو ته ٻيٽ کي ڪراچي جي ايسٽرن زون سان زميني رستي ذريعي ڳنڍيو ويندو، جنهن سان سياحن کي آسان پهچ ملندي، روزگار جا نوان موقعا پيدا ٿيندا ۽ مقامي معيشت کي فروغ ملندو۔جنيد انوار چوڌري جو چوڻ هو ته منصوبي ۾ ساحلي ماحول جي تحفظ کي ترجيح ڏني ويندي ۽ سياحت جي فروغ سان گڏ ماحولياتي ذميواري کي به يقيني بڻايو ويندو۔وفاقي وزير وڌيڪ چيو ته پاڪستان حڪومت ساحلي پٽي کي معاشي انجڻ بڻائڻ لاءِ سنجيده قدم کڻي رهي آهي ۽ زيارت حسن شاه ٻيٽ بليو اڪانومي جي نئين مثال طور اڀرندو۔

پنھنجي راءِ لکو