ايران ۾ پرتشدد احتجاج ڀارت پاران پنهنجي شهرين کي ايران ڇڏڻ جي هدايت

ايران ۾ جاري پرتشدد احتجاج جي صورتحال کي نظر ۾ رکندي، ايران ۾ موجود ڀارتي سفارت خاني ڀارتي شهرين کي خبردار ڪندي چوڪس رهڻ ۽ موجود سفري ذريعن وسيلي ايران ڇڏڻ جي صلاح ڏني آهي۔، ڀارتي پرڏيهي وزارت به ايندڙ اطلاع تائين ايران جو سفر نه ڪرڻ جي هدايت جاري ڪري ڇڏي آهي۔ سفارت خاني جو چوڻ آهي ته مقامي حالتن ۾ تيزي سان ايندڙ تبديليءَ سبب ڀارتي شهري ۽ ڀارتي نسل جا ماڻهو انتهائي احتياط ڪن۔سفارت خاني پاران شهرين کي احتجاج ۽ مظاهرن وارن علائقن کان پري رهڻ، سفارت خاني سان مسلسل رابطي ۾ رهڻ ۽ پاسپورٽ، شناختي ڪارڊ ۽ اميگريشن سان لاڳاپيل سڀ دستاويز تيار رکڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي۔ان سان گڏ، جيڪي ڀارتي شهري اڃا تائين سفارت خاني ۾ رجسٽريشن نه ڪرائي سگهيا آهن، انهن کي فوري طور تي اندراج ڪرائڻ جو چيو ويو آهي۔بين الاقوامي ميڊيا رپورٽن موجب، ايران ۾ جاري احتجاج دوران هاڻي تائين 2500 کان وڌيڪ ماڻهو مارجي چڪا آهن۔ ان صورتحال تي اڳوڻي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران کي مظاهرين خلاف تشدد کان پاسو ڪرڻ جي سخت تنبيہ ڪئي آهي

پنھنجي راءِ لکو