صدر ۾ غيرقانوني پکين جي مارڪيٽ خلاف وڏو آپريشنم ناياب پکي ضبط

ڪراچي جي علائقي صدر ۾ غيرقانوني پکين جي مارڪيٽ خلاف ضلعي انتظاميا وڏي پيماني تي آپريشن ڪيو آهي، جنهن دوران ناياب پکي ضبط ڪيا ويا ۽ ٻن ماڻهن کي حراست ۾ ورتو ويو۔ آپريشن پوليس ۽ اينٽي انڪروچمينٽ ٽيم جي سهڪار سان ڪيو ويو۔اسسٽنٽ ڪمشنر حاظم ڀنگوار موجب آپريشن دوران سوين پنجره ۽ ناياب پکي قبضي ۾ ورتا ويا، جيڪي بعد ۾ چڙيا گهر منتقل ڪيا ويا آهن۔ هن چيو ته ضبط ڪيل پکين جي سار سنڀال هاڻي چڙيا گهر جي انتظاميا ڪندي۔چڙيا گهر جي انتظاميا جو چوڻ آهي ته قبضي ۾ ورتل ناياب پکين کي مڪمل طبي سهولتون ۽ مناسب حفاظت فراهم ڪئي ويندي۔ اي سي حاظم ڀنگوار وڌيڪ چيو ته بار بار خبرداري باوجود غيرقانوني واپار ڪندڙ مافيا باز نٿي اچي، تنهنڪري آپريشن ڪنهن به دٻاءَ هيٺ روڪيو نه ويندو۔

پنھنجي راءِ لکو