ڪراچي فيروز آباد پوليس مشهور صنعتڪار جي گهر ۾ چوري ڪندڙ ماسي گينگ گرفتار

ڪراچي جي فيروز آباد پوليس ٽيڪنيڪل بنيادن تي ڪارروائي ڪندي مشهور صنعتڪار جي گهر ۾ چوري ڪندڙ ماسي گينگ کي گرفتار ڪري ورتو. پوليس موجب، گرفتار ٿيل پنجن ماسين هڪ ئي بينگلي ۾ ڪم ڪري رهيون هيون ۽ نو سال کان گهر اندر مالي چوري ڪري رهيون هيون۔گرفتار ماسين وٽان لکين رپيا ۽ موبائل فونز برآمد ٿيا. پوليس پاران مقدمو درج ڪري گينگ جي قبضن مان نقدي ۽ قيمتي سامان برآمد ڪيو ويو. گينگ جي سرغنه عروج، موقعو ڏسي گهر جي مالڪ جي بيگ مان چاٻي نڪالي ۽ ڌوراجي ڪالوني ۾ چاٻي ميڪر ذريعي نئين چاٻي ٺهرايو۔سرغنه عروج پنهنجي ساٿين کي باقاعده 20 کان 25 هزار رپيا خرچ ڏئي ٿي ۽ گهر جي الماري مان مختلف وقتن تي رقم ڪڍي استعمال ڪندي رهيون. صنعتڪار موجب هو ماسين کي ٻارن وانگر رکي ٿو ۽ نو سال دوران هر خوشي ۽ ڏک ۾ لکين رپيا خرچ ڪيا.گرفتار ماسين ۾ عروج (واهڙي)، سویرا (اوکاڙو)، نائلہ (فيض آباد)، ثناء (رحيم يار خان) ۽ علشبہ (ڪوٽ ادو) شامل آهن. گينگ ڪورولا گاڏي ۽ منگيتر لاءِ زيروميٽر موٽر سائيڪل به خريد ڪئي هئي۔

پنھنجي راءِ لکو