ايران جي اندروني معاملن ۾ آمريڪي مداخلت ناقابل قبول روسي مندوب

اقوام متحده ۾ روسي مندوب وسيلي نبنزيا آمريڪا تي سخت تنقيد ڪندي چيو آهي ته آمريڪي بيان ڪنهن به ملڪ جي سالمیت جي خلاف ۽ اندروني معاملن ۾ مداخلت آهن هن چيو ته ايران بابت اجلاس عالمي امن لاءِ هجڻ گهرجي ها، نه ته ايران جي اندروني معاملن ۾ مداخلت لاءِ۔ روسي مندوب موجب ايراني حڪومت شهرين ۽ ملڪيت جي تحفظ کي اوليت ڏئي رهي آهي، جڏهن ته ٻاهرين طاقتون ايران جي موجوده صورتحال کي وڌيڪ خراب ڪري رهيون آهن۔ هن خبردار ڪيو ته آمريڪي قدمن سان پورو خطو وڌيڪ بحران ۾ ڦاسي سگهي ٿو، جڏهن ته روس پرامن حل لاءِ سهڪار جي آڇ ڪئي آهي۔

پنھنجي راءِ لکو