باني پي ٽي آءِ پاران نامزد محمود خان اچکزئي قومي اسيمبلي جو اپوزيشن ليڊر مقرر

باني پاڪستان تحريڪ انصاف عمران خان پاران نامزد ڪيل سينيئر سياستدان محمود خان اچکزئي کي قومي اسيمبلي ۾ اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو ويو آهي ميڊيا رپورٽن موجب اسپيڪر قومي اسيمبلي اياز صادق محمود خان اچکزئي جي اپوزيشن ليڊر طور تقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي، جنهن بعد باضابطه نوٽيفڪيشن جاري ڪيو ويو۔اسپيڪر قومي اسيمبلي چيئرمين پي ٽي آءِ بئريسٽر گوهر ۽ عامر ڊوگر کي پنهنجي چيمبر ۾ طلب ڪيو، جتي پارٽي وفد سان ملاقات دوران محمود خان اچکزئي جي تقرري جو نوٽيفڪيشن ڏنو ويو۔واضح رهي ته اڳوڻي اپوزيشن ليڊر عمر ايوب جي نااهلي کان پوءِ باني پي ٽي آءِ عمران خان، محمود خان اچکزئي جو نالو اپوزيشن ليڊر لاءِ تجويز ڪيو هو۔ پي ٽي آءِ جي 70 کان وڌيڪ قومي اسيمبلي ميمبرن دستخطن سان گڏ درخواست پڻ جمع ڪرائي هئي۔قانوني جائزي ۽ دستخطن جي تصديق بعد اسپيڪر قومي اسيمبلي محمود خان اچکزئي کي اپوزيشن ليڊر مقرر ڪيو۔اپوزيشن ليڊر جي تقرري کان پوءِ حڪومت ۽ اپوزيشن وچ ۾ ڳالهين جا امڪان وڌي ويا آهن، ڇاڪاڻ ته باني پي ٽي آءِ ڳالهين جو اختيار محمود خان اچکزئي ۽ علامه ناصر عباس کي ڏنو آهي۔

پنھنجي راءِ لکو