ڀارتي فوج جي ڪارروائي مڇي مارڻ لاءِ ويل 9 پاڪستاني مهاڻا گرفتار

ڀارتي فوج سمنڊ ۾ مڇي مارڻ لاءِ ويل 9 پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪري ورتو آهي۔پاڪستان فشر فوڪ فورم موجب گرفتار مهاڻن جو تعلق ڪراچي جي سامونڊي علائقي ابراهيم حيدري سان آهي، جيڪي روزاني معمول مطابق مڇي مارڻ لاءِ سمنڊ ۾ ويا هئا۔فورم جو چوڻ آهي ته ڀارتي سيڪيورٽي فورسز مهاڻن کي حراست ۾ وٺي سندن ٻيڙي ۽ مڇي مارڻ جو سامان پڻ قبضي ۾ ورتو آهي۔ياد رهي ته ان کان اڳ 25 آگسٽ 2025 تي به ڀارتي بارڊر سيڪيورٽي فورس (بي ايس ايف) ڪوري ڪِرِيڪ ويجهو 15 پاڪستاني مهاڻن کي گرفتار ڪيو هو، جن جو تعلق ضلعي سجاول جي تعلقي جاتي جي ڳوٺ عمر ڀريو ڪامرو سان هو۔پاڪستان فشر فوڪ فورم جي چيئرمين مهراڻ علي شاهه، سينيئر وائس چيئرپرسن ياسمين شاهه ۽ وائس چيئرمين نور محمد ٿهيمور هن ڪارروائي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪندي چيو آهي ته ڀارتي فورسز عالمي سامونڊي قانونن جي کلي ڀڃڪڙي ڪري رهيون آهن۔

پنھنجي راءِ لکو