سعودي عرب شهزادو بندر بن عبد الله آل سعود وفات ڪري ويا

سعودي عرب جي رياستي محل موجب شهزادو بندر بن عبد الله آل عبد الرحمن آل سعود جو انتقال ٿي ويو آهي۔ نماز جنازہ رياض جي جامع مسجد امام تركي بن عبد الله ۾ نماز عصر کان پوءِ ادا ڪئي وئي  جنهن ۾ رياض جي گورنر فيصل بن بندر بن عبد العزيز، شهزادا، اهلڪار ۽ ٻين شخصيتن شرڪت ڪئي۔رياستي محل پاران مرحوم لاءِ رحمت، مغفرت ۽ بلند درجات جي دعا ڪئي وئي آهي۔ ياد رهي ته گذريل مهيني پڻ سعودي عرب ۾ شهزادو عبد الله بن فهد بن عبد الله بن عبد العزيز جو بيرون ملڪ انتقال ٿيو هو، جنهن جي نماز جنازہ به رياض ۾ ادا ڪئي وئي هئي

پنھنجي راءِ لکو